پورچوگيز زبان

پورچوگيز زبان: پورچوگيزي/ پرتگالي زبان هڪ انڊو يورپين زبان آهي، جيڪا پورچوگال کان سواءِ پورچوگالي نين آبادين ۽ برازيل (ڏکڻ آمريڪا) ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي. هن زبان ڳالهائيندڙن جو تعداد پنجن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ آهي. پورچوگالي، لاطيني زبان مان نڪتل آهي، ان تي لاطيني ٻوليءَ جي ٻين شاخن جو اثر آهي. مثلاً: اسپيني ۽ اٽالين زبانن سان گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿي. اسپين وانگر پورچوگال به ڪيتريون صديون، عربن جي اثر هيٺ رهيو، تنهنڪري پورچوگالي زبان ۾ ڪيترائي عربي لفظ ملي ويا. هيڏانهن هندستاني ساحل پورچوگالين جي آمد سبب ڪيترائي پورچوگالي لفظ اردو ۽ سنڌيءَ زبانن ۾ به مروج ٿي ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو